بشير احمد هيسباڻي

بشير احمد هيسباڻي

بشير احمد هيسباڻي

بشير احمد هيسباڻي: ناميارو ليکڪ بشير احمد ولد خان هيسباڻي'>احمد خان هيسباڻي، 6 نومبر 1953ع تي ڳوٺ مولوي نور الله هيسباڻي، تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشھري فيروز ۾ پيدا ٿيو. ميٽرڪ 1969ع ۾ ٺارو شاهه مان ڪئي، 1979ع ۾ سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪئي، هن جا ڪيترا ادبي ۽ تحقيقي مقالا ۽ مضمون مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. پيشي جي لحاظ کان بئنڪاري صنعت سان لاڳاپيل رهيو آهي. نوابشاهه ۽ نوشھري فيروز ۾ حبيب بئنڪ جي قائم ٿيل شاخن ۾ مئنيجر رهڻ کانپوءِ 2007ع ۾ HBL حيدرآباد جي ريجنل هيڊڪوارٽر ۾ اسسٽنٽ جنرل مئنيجر (ايگريڪلچرل فنانسز) مقرر ٿيو، جتان 2013ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. ”ساهتي لائبرري“ جي نالي سان مھراڻ ڪالوني نوابشاهه ۾ پنهنجي گهر ۾ هڪ وڏي لائبريري قائم ڪئي اٿس، جيڪا ادبي حلقن ۾ تحقيقي حوالي سان تمام گهڻي مشھور آهي. اهڙيءَ طرح هن 1998ع ۾ سنڌ جي مشھور محقق ۽ تاريخدان قريشي حامد علي خانائيءَ جي سرپرستيءَ ۾ نوابشاهه ۾ ”ساهتي ادبي اڪيڊمي“ نالي هڪ اشاعتي ادارو قائم ڪيو، جنھن تحت ڊزن کن ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ”الحاج رحيم بخش قمر“ (شخصيت ۽ فن: ترتيب: 2006ع)، (2) ”مقالات خانائي“ (ترتيب: 2006ع)، (3) ”ساهتي پرڳڻي جو وهائو تارو“ (ترتيب: 2011ع)، (4) ”تاريخ نصرپور“ (ترتيب: 2014ع)، (5) ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جون علمي ادبي خدمتون“ (ترتيب: 2016ع) شامل آهن. ان کان علاوه مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ/حيدرآباد پاران 2016ع کان نڪرندڙ علمي ادبي ۽ تحقيقي رسالي ”تخيل“ جو ايڊيٽر آهي. پاڻ هن وقت نوابشاهه ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ بشير احمد هيسباڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.11.06  عيسوي

بشير احمد 6 نومبر 1953ع تي ڳوٺ مولوي نور الله هيسباڻي ، تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٽهلرام آزاد
ڄام علاؤالدين جوڻو بن بابينو
علياڻي محمد ڄام
حڪيم خدا بخش خان ڌاريجو
عبدالله خان ڪلهوڙو فقير
انور وسطڙو ( راڳي)
سچل جنجهي
حسين بخش وڳڻ
سيمي جمالي ڊاڪٽر
ايس گل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون